احمد خان گويو

احمد خان گوَيو: هيءُ مشهور گائڪ استاد شادي خان جو وڏو پٽ هو. استاد گامڻ خان ۽ استاد ڪريم بخش خان سندس ڀائر هئا، جيڪي پنهنجي دؤر جا ناميارا ڳائڻا ٿي گذريا آهن. استاد احمد خان، ’ڌرپد‘ ۽ ’ٽپا‘ ڳائيندو هو، ليڪن بعد ۾ هن ’خيال‘ جي گائڪي پڻ شروع ڪئي. نيپال جي راجا جي دعوت تي سندس درٻار ۾ ڳائيندو رهيو ۽ اتي ئي وفات ڪيائين.


هن صفحي کي شيئر ڪريو